ڪڙيو شيخ

ڪڙيو شيخ: هن بزرگ جو تعلق بلوچستان جي ضلعي لس ٻيلي سان هو. پاڻ ڪرامت وارو صاحب ۽ پير عبدالقادر جيلاني جو مُريد ۽ خليفو هو. لس ٻيلي ۾ ‘ڪڙيو گهوڙي چڙهيو’ واري چوڻي اڃا تائين مشھور آهي. سندس اولاد ‘ڪڙياڻي شيخ’ سڏجي ٿو. ڪڙياڻي شيخن جا ڪجهه خاندان، جيڪي لاسي پڻ سڏجن، اهي لس ٻيلي مان لڏي، ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ اچي رهيا، جن مان شيخ ٽالو ۽ عيسو سوائي مشھور بزرگ ٿي گذريا آهن. هن وقت شيخ ٽالي جي درگاهه جو گادي نشين دين محمد شيخ، جڏهن ته عيسيٰ سوائيءَ جي درگاهه جو گادي نشين علي محمد شيخ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو